SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Truther - Troofer

(click word to listen sound
  • 🔊
  • truther
  • troofer
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Truther - Troofer

ٽروٿر/ ٽُروفر

کَري ڳالهه

هڪ نظريو، جنهن جا ڦهلائيندڙ چون ٿا ته 9/11 وارو ٽريڊ سينٽر تي ڪرايل ”القاعده“ جو دهشتگرد جو حملو، دراصل آمريڪي صدر’جارج واڪر بُش‘ (2001-2009) ۽ سندس انتظاميا جي ڪوتاهين جو نتيجو آهي. هن نظريي ۾ اعتبار ڪندڙن جي دعويٰ آهي، ته مٿيئن واقعي بابت ”اصل سچائيءَ“ جي رڳو کين ئي خبر آهي، ٻين ماڻهن کي فقط ميڊيا مان مليل سطحي ڄاڻ آهي، جيڪي سندن تجزيي کي سمجهي نٿا سگهن، هن قسم جي ’سازشي سوچ‘ جي حمايت، صدر بُش طرفان ”نئين عالمي نظام“ کي هڪ ڄار يا ڪوڙڪيءَ سان پيٽيندڙ دانشور حلقي طرفان ٿئي ٿي. اهو حلقو سمجهي ٿو ته آمريڪا سان تعلق رکندڙ هڪ سگهارو ۽ ڪاروباري ذهن رکندڙ ٽولو سازشن ذريعي دُنيا تي حاڪميت قائم ڪرڻ گهري ٿو. 9/11 جي واقعي ۾ ان ٽولي کي شامل سمجهيو وڃي ٿو. ان سوچ ۾ ويساهه رکندڙن جو خيال آهي ته ’ورلڊ ٽريڊ سينٽر‘ تي آمريڪي اسٽيبلشمينٽ طرفان حملي ڪرائڻ جو اصل مقصد افغانستان ۽ عراق ۾ جنگيون شروع ڪرائڻ ۽ آمريڪا جي اندر شهري حق کسڻ جي لاءِ پُختو بهانو پيدا ڪرڻ هو. ان فڪري روش کي جڳ مشهور آمريڪي دانش- ور ’نوم چومسڪي‘ ۽ ساڻس سهمت حلقي جي حمايت حاصل آهي


Remember Me Also:

اڳوڻڪائي

ظرف. اڳوڻائي ، اَوَليت. تقديم.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal